سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو

سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو

سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو

سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو (ڪتاب): هي ڪتاب پروفيسر عبدالله مگسيءَ جي مختلف تاريخي مضمونن تي مشتمل آهي، جن ۾ سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن جي حوالي سان سنڌ جي پوئين پنج سئو سالن جي تاريخ جي عڪس آرائي ڪئي وئي آهي، هنن تاريخي مضمون جي سهيڙپ پروفيسر عبدالله مگسيءَ جي ڀاءُ ڊاڪٽر لياقت مگسي ۽ گل محمد سومري ڪئي آهي. ڪتاب جي ڀاڱي پهرين ۾ سومرن، سمن ۽ مغلن جي دور جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي، تاريخي ۽ ادبي جائزي سان گڏ آزاديءَ جي تحريڪ جي مختلف رخن، ميان وال تحريڪ، ميان يار محمد ڪلهوڙي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪمت عملين، ٽالپرن جي زوال ۽ برطانوي دور جو جائزو ورتو ويو آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ تهذيب جي ارتقا، آثار قديم جي تهذيبي لاڳاپن، رنيڪوٽ، سپڙ ماڙي ۽ خداآباد جي تاريخي شهرن بابت مضمون شامل آهن. ٽئين ڀاڱي ۾ مانجهند جي سنڌ ورڪي، مخدوم بلاول جي ڪيس، قلندر شهباز جي فڪري لاڙن ۽ ماخذن جو ذڪر آهي. ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ خاڪي جويي جو لکيل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ پڌرو ٿيو هو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پڌرو ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 288 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو